اڀيمنيون ڪيولراماڻي ڊاڪٽر

اڀيمنيون ڪيولراماڻي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر اڀيمنيون ڪيولراماڻي پٽ ارجن داس 25 مارچ 1942ع تي گھوٽڪيءَ ۾ ڄائو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ پني عاقل شهر ۾ پنهنجي ڪلينڪ کوليائين. ڊاڪٽر ڪيولراماڻي ڊائو ميڊيڪل ڪاليج مان گريجوئيشن ڪئي، سندس ڏاڏو ويڙهو مل گھوٽڪيءَ جي هندو پئنچائت جو مکي ۽ ڊي. اي. وي اسڪول جو باني هو ۽ مرڻ گھڙيءَ تائين ان جو صدر رهيو. سندس والد گھوٽڪيءَ جو وڏو زميندار ۽ ڪرڪيٽ ڪلب جو سرپرست هو. ڊاڪٽر ڪيولراماڻي هڪ ڪامياب ڊاڪٽر سان گڏ ادب دوست ۽ سماجي خدمتن ۾ اڳڀرو هو. ان حوالي سان سنڌ گرئجوئيٽس ايسوسيئيشن پني عاقل جو نائب صدر پڻ رهيو، سنڌي ڪتاب ۽ رسالا وڏي شوق سان پڙهندو هو، پنو عاقل جي ڪيترن ئي تعليمي ادارن جي قيام ۾ سندس عملي ڪوششون شامل هيون. بد قسمتيءَ سان ڪجهه شرپسند عنصرن کيس اغوا ڪيو ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ يارو لنڊ واري علائقي ۾ جنوري 1993ع ۾ کيس بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو ۽ ٻوريءَ ۾ بند سندس لاش واهه مان هٿ آيو هو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.03.25  عيسوي

ڊاڪٽر اڀيمنيون ڪيولراماڻي پٽ ارجن داس 25 مارچ 1942ع تي گھوٽڪيءَ ۾ ڄائو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پليجو مخدوم يعقوب
آسن داس
اهروي عبدالمجيد ماجد
ڀوپو
الڀو شيخ ٺٽوي
قمر واحد ڊاڪٽر
ديوان شيوارام ڏيون مل وزيراڻي
عبدالرب نشتر سردار
اقبال ٿيٻو
چنا صاحب خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون